بيگم رعنا لياقت علي

بيگم رعنا لياقت علي

بيگم رعنا لياقت علي خان

بيگم رعنا لياقت علي خان: بيگم رعنا، الموڙه (يوپي) جي سرسبز پهاڙين جي دامن ۾ جنم ورتو. سندس تعلق سکن جي هڪ گهراڻي سان هو. ابتدائي تعليم ويلزلي گرلس اسڪول نيني تال مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسابيلا شهر برهاني اسڪول ۽ لکنؤ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪري، دهليءَ جي گرلز ڪاليج ۾ اقتصاديات جي استاد مقرر ٿي. 1934ع ۾ سندس شادي نواب زاده لياقت علي خان سان ٿي. بيگم لياقت علي خان پنهنجي مڙس جي ڪمن ۾ هٿ ونڊائيندي هئي. مسلم ليگ آفيس جو ڪم بيگم رعنا ۽ شمس الحسن جي ذمي هو. وومين مسلم ليگ دهليءَ طرفان جڏهن انڊسٽريل هوم ۽ هڪ خواتين لائبرري قائم ڪئي ويئي، ته ان جو افتتاح بيگم رعنا پنهنجن هٿن سان ڪيو. 1946ع ۾ دهليءَ ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن وائسراءِ هندستان ٿي آيو ته بيگم رعنا، ليڊي مائونٽ بيٽن ۽ سندس صاحبزادي پاميلا مائونٽ بيٽن جي پنهنجي جاءِ تي دعوت ڪئي، ته جيئن مسلم ليگي عورتون ليڊي مائونٽ بيٽن کي ٻه قومي نظريي ۽ قيام پاڪستان جي اهميت کان واقف ڪن. ان ملاقات جو ليڊي مائونٽ بيٽن تي گهڻو اثر ٿيو. 1947ع ۾ بيگم رعنا جي ڪوشش سان ڇوڪرين ۽ عورتن کي فرسٽ ايڊ جي تعليم ڏيڻ جو انتظام سندن گهرن تي ڪيو ويو. 1947ع ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ لياقت علي خان کي پاڪستان جو پهريون وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. پاڪستان ۾ تربيت يافته نرسن جي کوٽ کي محسوس ڪندي، بيگم رعنا لياقت، ڇوڪرين ۽ سندن والدين کي آماده ڪيو ته هن معزز پيشي ۾ اچي پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جي سارسنڀال لهن. ان کان علاوه پاڪستان وومين نئشنل گارڊ قائم ڪيائين، جنهن ۾ ٻه هزار چار سئو ڇوڪريون شامل هيون، 22 فيبروري 1949ع تي پاڪستان وومين ائسوسيئيشن'>آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن (اپوا) (ڏسو: اپوا) قائم ڪئي ويئي، جنهن جو مقصد پاڪستان جي عورتن جي سماجي، تعليمي ۽ سياسي حقن جو تحفظ ڪرڻ هو. اپوا جون شاخون پاڪستان جي هر علائقي ۾ قائم ڪيون ويون، جيڪي عورتن جي معاملي ۾ حڪومت پاڪستان جي لاءِ هڪ مشير جي حيثيت رکن ٿيون. پاڪستان جي ڪيترن ئي ايسوسيئيشنن جو الحاق اپوا سان آهي. 1952ع ڌاري اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ هن پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. 1953ع ۾، ملڪه ايلزبيٿ جي جشن تاجپوشيءَ ۾ شاهي مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. اصل ۾ ڪامن ويلٿ ۾ شريڪ ملڪن مان واحد عورت بيگم رعنا هئي، جنهن کي شاهي مهمان جي حيثيت سان مدعو ڪيو ويو هو. 14 سيپٽمبر 1954ع تي حڪومت پاڪستان بيگم رعنا کي نيدرلئنڊز ۽ 9 جون 1961ع تي اٽليءَ جو سفير مقرر ڪيو. هلال احمر پاڪستان جي چيئرپرسن به رهي. 1955ع ۾ بيگم رعنا ايل. ايل. او. ڪميٽي آف ايڪسپرٽ ان ڪنونشن جي رڪن بڻجي وئي. ان سلسلي ۾ هر سال جنيوا جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندي هئي. آمريڪا جي حڪومت طرفان بيگم رعنا کي ”مادر پاڪستان“ جو خطاب ڏنو ويو. هوءَ ستر واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي گورنر به رهي. 1973ع کان 1976ع ڌاري اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ کيس بين الاقوامي ”انساني حقوق اَوارڊ“ ڏنو ويو. هُن 13 جون 1990ع تي وفات ڪئي.


لفظ بيگم رعنا لياقت علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.00.00  عيسوي

دهليءَ جي گرلز ڪاليج ۾ اقتصاديات جي استاد مقرر ٿي . 1934ع ۾ سندس شادي نواب زاده لياقت علي خان سان ٿي .


1946.00.00  عيسوي

1946ع ۾ دهليءَ ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن وائسراءِ هندستان ٿي آيو ته بيگم رعنا ، ليڊي مائونٽ بيٽن ۽ سندس صاحبزادي پاميلا مائونٽ بيٽن جي پنهنجي جاءِ تي دعوت ڪئي ، ته جيئن مسلم ليگي عورتون ليڊي مائونٽ بيٽن کي ٻه قومي نظريي ۽ قيام پاڪستان جي اهميت کان واقف ڪن .


1949.02.22  عيسوي

22 فيبروري 1949ع تي آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن ( اپوا ) ( ڏسو: اپوا ) قائم ڪئي ويئي ، جنهن جو مقصد پاڪستان جي عورتن جي سماجي ، تعليمي ۽ سياسي حقن جو تحفظ ڪرڻ هو . اپوا جون شاخون پاڪستان جي هر علائقي ۾ قائم ڪيون ويون ،


1990.06.13  عيسوي

بيگم رعنا لياقت علي: هُن 13 جون 1990ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد متقي
زڪيه بيگم
شير موٽواڻي
جوهي چاولا
ابوالليث صديقي ڊاڪٽر
تنيو نذير احمد
ع ق شيخ
جي ايم سيد
حامد شاهه فقير
حال الله ڪلهوڙو اول
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون